ڄامشورو-27 آگسٽ (اي پي پي)مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس پاران انٽر ڊپارٽمينٽل بوائز والي بال ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي فائنل ۾ سول انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم مائننگ انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. فائنل مقابلو سول انجنيئرنگ ۽ مائننگ انجنيئرنگ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سول انجنيئرنگ جي رانديگرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٻنهي سيٽن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. تقريب …
سول انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم انٽر ڊپارٽمينٽل والي بال ٽورنامينٽ جي چيمپئن بڻجي وئي.
ڄامشورو-27 آگسٽ (اي پي پي)مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس پاران انٽر ڊپارٽمينٽل بوائز والي بال ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي فائنل ۾ سول انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم مائننگ انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. فائنل مقابلو سول انجنيئرنگ ۽ مائننگ انجنيئرنگ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سول انجنيئرنگ جي رانديگرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٻنهي سيٽن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، ڊائريڪٽر اسپورٽس عبدالفتاح ڪنڌر، مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري انجنيئر حافظ ارشد ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي شاگردن جي راندين جي صلاحيتن ۽ جذبي کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون سرگرميون شاگردن ۾ صحتمند مقابلي، ٽيم ورڪ ۽ قيادت جون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيو.












