لاهور-27 آگسٽ (اي پي پي)انگلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان مينز انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فرحان يوسف کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان انڊر 19 ٽيم 2 کان 16 سيپٽمبر تائين انگلينڊ جو دورو ڪندي جتي اها هڪ يوٿ ٽيسٽ ۽ 4 ون ڊي ميچز کيڏندي. پي سي بي ترجمان موجب وڪيٽ ڪيپر عبدالقادر، آل رائونڊرز جهانگير بلال، حيام خان ۽ عليان …
انگلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان مينز انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان
لاهور-27 آگسٽ (اي پي پي)انگلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان مينز انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فرحان يوسف کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان انڊر 19 ٽيم 2 کان 16 سيپٽمبر تائين انگلينڊ جو دورو ڪندي جتي اها هڪ يوٿ ٽيسٽ ۽ 4 ون ڊي ميچز کيڏندي. پي سي بي ترجمان موجب وڪيٽ ڪيپر عبدالقادر، آل رائونڊرز جهانگير بلال، حيام خان ۽ عليان سلمان، بيٽسمين حسنين عباس ڊار ۽ فاسٽ بالر رضوان الله پاڪستان انڊر 19 طرفان ڊيبيو ڪري سگهن ٿا. اسڪواڊ ۾ عبدالسبحان، احمد حسين، حمزه ظهور، محمد صيام، محمد حذيفه، نقاب شفيق، عمر زيب ۽ عثمان خان به شامل آهن. پاڪستان ۽ انگلينڊ انڊر 19 ٽيمن وچ ۾ يوٿ ٽيسٽ 2 کان 5 سيپٽمبر تائين کيڏي ويندي، جڏهن ته 4 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز 9 کان 16 سيپٽمبر تائين ٿيندي. پاڪستان انڊر 19 ٽيم آچر ڏينهن لاهور کان انگلينڊ لاءِ روانو ٿيندي.












