وومينز ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم دبئي رواني

لاهور -26 آگسٽ (اي پي پي) وومينز ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم دبئي روانو ٿي وئي. ايشيا ڪپ 28 آگسٽ کان 13 سيپٽمبر تائين دبئي ۾ کيڏيو ويندو. روانگي کان اڳ قومي ٽيم ٽريننگ ڪيمپ ۾ ڀرپور تياري ڪئي، ڪپتان فاطمه ثنا جي قيادت ۾ رانديگرياڻين ڪيمپ دوران بوائز ٽيم سان ڪيتريون ئي پريڪٽس ميچون به کيڏيون، جڏهن ته ايونٽ لاءِ تيارين کي حتمي شڪل ڏني …

لاهور -26 آگسٽ (اي پي پي) وومينز ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم دبئي روانو ٿي وئي. ايشيا ڪپ 28 آگسٽ کان 13 سيپٽمبر تائين دبئي ۾ کيڏيو ويندو. روانگي کان اڳ قومي ٽيم ٽريننگ ڪيمپ ۾ ڀرپور تياري ڪئي، ڪپتان فاطمه ثنا جي قيادت ۾ رانديگرياڻين ڪيمپ دوران بوائز ٽيم سان ڪيتريون ئي پريڪٽس ميچون به کيڏيون، جڏهن ته ايونٽ لاءِ تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. پاڪستان وومين ٽيم ايشيا ڪپ ۾ پنهنجي مهم جي شروعات پهرين سيپٽمبر تي ٿائيلينڊ خلاف ميچ سان ڪندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ اهم ميچ 5 سيپٽمبر تي شيڊول آهي. قومي ٽيم پنهنجي آخري گروپ ميچ 7 سيپٽمبر تي هانگ ڪانگ خلاف کيڏندي.