پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 27 آگسٽ تي لارڊز ۾ کيڏي ويندي

لنڊن- 25 آگسٽ (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ خميس ڏينهن 27 آگسٽ کان لنڊن جي لارڊز گرائونڊ ۾ شروع ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب انگلينڊ کي پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ جي ٽيم ليڊز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ گرين شرٽس کي هڪ اننگ ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب …

لنڊن- 25 آگسٽ (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ خميس ڏينهن 27 آگسٽ کان لنڊن جي لارڊز گرائونڊ ۾ شروع ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب انگلينڊ کي پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ جي ٽيم ليڊز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ گرين شرٽس کي هڪ اننگ ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون ۽ پاڪستاني ٽيم وچ ۾ ٽن ڏينهن جي وارم اپ ميچ  پاڪستان جي ٽيم 7 وڪيتن تان ڪاميابي ماڻي هئي. انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 27 کان 31 آگسٽ تائين انگلينڊ جي گادي واري هنڌ لنڊن جي لارڊز گرائونڊ تي کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي  جوروٽ ڪندو جڏهن ته پاڪستاني ٽيم بابر اعظم جي فٽنيس مسئلن سبب غير موجودگي ۾ سلمان علي آغاز جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. پاڪستاني ٽيم هن وقت انگلينڊ جي دوري تي آهي جتي ميزبان ٽيم خلاف پريڪٽس ميچ کانسواءِ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 9 کان 13 سيپٽمبر تائين برمنگهم ۾ کيڏي ويندي.