قومي عورت ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر نجيهه علوي انجري سبب ويمنز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي

لاهور- 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر نجيهه علوي انجري سبب ويمنز ٽي ٽوئونٽي ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي آهي. نجيهه علوي کي کاٻي گوڏي ۾ تڪليف سبب اَن فِٽ قرار ڏنو ويو آهي. پي سي بي ميڊيڪل پينل جي معائني کانپوءِ نجيهه علوي کي 3 کان 4 هفتا آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ري هيب پروگرام مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سندس …

لاهور- 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر نجيهه علوي انجري سبب ويمنز ٽي ٽوئونٽي ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي آهي. نجيهه علوي کي کاٻي گوڏي ۾ تڪليف سبب اَن فِٽ قرار ڏنو ويو آهي. پي سي بي ميڊيڪل پينل جي معائني کانپوءِ نجيهه علوي کي 3 کان 4 هفتا آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ري هيب پروگرام مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سندس ٻيهر معائنو ڪيو ويندو. سليڪشن ڪميٽي صدف شمس کي نجيهه علوي جي متبادل طور ايشيا ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ويمنز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ 28 آگسٽ کان 13 سيپٽمبر تائين دبئي ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ٽيم هن ايونٽ ۾ ڀارت، ٿائيلينڊ ۽ هانگ ڪانگ سان گروپ اي ۾ شامل آهي.