وزيراعظم پاران بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عمران الله خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عمران الله خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عمران الله خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ درجن …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عمران الله خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عمران الله خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.