عالمي واپاري نمائش گل فوڊ مينوفيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 31 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته دبئي ۾ ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش گل فوڊ مينوفيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 31 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. اٿارٽي مطابق نمائش دبئي ۾ 3 نومبر کان 5 نومبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ پراسيسنگ، پيڪيجنگ، ڪنٽينر اينڊ سپلائرز، آٽوميشن اينڊ ڪنٽرول، سپلاءِ چين ساليوشنز سان واڳيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته دبئي ۾ ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش گل فوڊ مينوفيڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 31 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. اٿارٽي مطابق نمائش دبئي ۾ 3 نومبر کان 5 نومبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ پراسيسنگ، پيڪيجنگ، ڪنٽينر اينڊ سپلائرز، آٽوميشن اينڊ ڪنٽرول، سپلاءِ چين ساليوشنز سان واڳيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.