پشاور- 24 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته عوامي مسئلن جو حل ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي سندس ترجيحن ۾ شامل آهي، لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي اها ڳالهه پهاڙ پور ۽ ڪڙي خيسور جي …
عوامي مسئلن جو حل ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ترجيحن ۾ شامل آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
پشاور- 24 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته عوامي مسئلن جو حل ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي سندس ترجيحن ۾ شامل آهي، لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي اها ڳالهه پهاڙ پور ۽ ڪڙي خيسور جي سياسي ۽ سماجي شخصيت ماسٽر احمد حسين زمانو خيل جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن ۾ علائقي جي ترقياتي مسئلن، سي فائيو پراجيڪٽ ۾ خيبر پختونخوا جي پورهيتن کي درپيش ڏکيائين ۽ روڊن ۽ پلن جي تعمير ۽ بحالي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد اٽامڪ انرجي جي سي فائيو پروجيڪٽ ۾ خيبر پختونخوا سان تعلق رکندر پورهيتن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران ڪردار ادا ڪرڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن آڏو معاملو اٿارڻ تي سندس ٿورو مڃيو.











