ملڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ ڪلينڊر سال دوران مجموعي طور تي 1.764 ارب ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ ڪلينڊر سال دوران مجموعي طور تي 1.764 ارب ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري انگن اکرن مطابق گذريل ڪلينڊر سال جي پڄاڻي تي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن جو ڪاٿو 20.838 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ پرڏيهي مٽا …

اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ ڪلينڊر سال دوران مجموعي طور تي 1.764 ارب ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري انگن اکرن مطابق گذريل ڪلينڊر سال جي پڄاڻي تي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن جو ڪاٿو 20.838 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن جو ڪاٿو 16.053 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ 4.784 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. 13 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن جو ڪاٿو 22.50 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ 17.082 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ 5.424 ارب ڊالر هو جيڪو 2.5 مهينن جي آمدني واپار لاءِ اثراتئي جاري ڪلينڊر سال دوران اسٽيٽ بينڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ 1.028 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن وٽ 736 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.