ڪوڪوگف ٻيون ڀيرو ڊبليو ٽي اي سينسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

اوهائيو- 24 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ ڪوڪوگف ٻيون ڀيرو سينسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 22 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪو ڪو گف عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ پنهنجي هم وطن ٽينس رانديگرياڻي جيسيڪا پيگولا کي 0-2 سيٽس تان شڪست ڏئي سينسناٽي اوپن جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. آمريڪي رياست اوهائيو …

اوهائيو- 24 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ ڪوڪوگف ٻيون ڀيرو سينسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 22 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪو ڪو گف عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ پنهنجي هم وطن ٽينس رانديگرياڻي جيسيڪا پيگولا کي 0-2 سيٽس تان شڪست ڏئي سينسناٽي اوپن جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر سينسناٽي ۾ جاري ايونٽ ۾ سخت مقابلن جو سلسلو جاري رهيو جنهن ۾ ٽينس جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ مليا. عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ ڪو ڪو گف انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي هن وطن مخالف رانديگرياڻي ۽ ايونٽ جي ٿرڊ سيڊڊ جيسيڪا پيگولا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 2-6 ۽ 4-6 تان نه رڳو شڪست ڏني پر ٻيون ڀيرو ڊبليو تي اي سينسناٽي اوپن ٽينس ٽائٽل به کٽي ورتو. ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ميچ ۾ جيسيڪا پيگولا دفاعي چيمپيئن آئيگا سويٽيڪ کي جڏهن ته ڪو ڪو گف ساره بيجلڪ کي شڪست ڏئي 56 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٻن آمريڪي عورت رانديگرياڻين وچ ۾ سينسناٽي اوپن جو فائنل سجايو هو. ان کان اڳ آخري ڀيرو 1970ع ۾ روزي ڪيسالز ۽ نينسي رچي وچ ۾ فائنل کيڏيو ويو هو.