انگلش پريميئر ليگ، مانچسٽر سٽي ۽ برائٽن اينڊ هووالبيون پنهنجون ميچون کٽي ورتيون

لنڊن- 24 آگسٽ (اي پي پي) مانچسٽر سٽي انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ بورن مائوٿ کي شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن ته برائٽن اينڊ هووالبيون جي ٽيم آساني سان آسٽن ولا کي 0-4 گول تان هارائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انگلش پريميئر فٽبال ليگ جو 35هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. اتحاد اسٽيڊيم …

لنڊن- 24 آگسٽ (اي پي پي) مانچسٽر سٽي انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ بورن مائوٿ کي شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن ته برائٽن اينڊ هووالبيون جي ٽيم آساني سان آسٽن ولا کي 0-4 گول تان هارائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انگلش پريميئر فٽبال ليگ جو 35هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. اتحاد اسٽيڊيم مانچسٽر ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ مانچسٽر سٽي ۽ بورن مائوٿ جون ٽيمون آمهون سامهون هيون جنهن ۾ مانچسٽر سٽي جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ مخالف ٽيم بورن مائوٿ کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گول تان هارائي ڇڏيو. اها مانچسٽر سٽي جي پهرين فتح آهي ۽ ان فتح سان ئي ان 3 قيمتي پوائنٽس به حاصل ڪري ورتا آهن. آمريڪين ايڪدپريس اسٽيڊيم، فالمير، انگلينڊ ۾ کيڏيل هڪ ٻي ميچ ۾ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ آسٽن ولا جون ٽيمون آمهون سامهون هيون جنهن ۾ برائٽن هووالبيون ٽيم انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آسٽن ولا جي ٽيم کي هڪ طرفه مقابلي کانپوءِ 0-4 گول تان هارائي ڇڏيو. اها برائٽن اينڊ هووالبيون جي اي پي ايل ۾ پهرين ڪاميابي آهي.