وفاقي حڪومت پاران 12 ربيع الاول 1448هه تي عيد ميلادالنبي ﷺ جي خوشي جي موقعي تي 26 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت 12 ربيع الاول 1448هه تي عيد ميلادالنبي ﷺ جي خوشي جي موقعي تي 26 آگسٽ (اربع ڏينهن) سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪابينا سيڪريٽريٽ (ڪابينا ڊويزن) پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 آگسٽ تي عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ عام موڪل جي منظوري ڏني. نوٽيفڪيشن جي ڪاپي سمورين لاڳاپيل وفاقي وزارتن، ڊويزنن، صوبائي …

اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت 12 ربيع الاول 1448هه تي عيد ميلادالنبي ﷺ جي خوشي جي موقعي تي 26 آگسٽ (اربع ڏينهن) سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪابينا سيڪريٽريٽ (ڪابينا ڊويزن) پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 آگسٽ تي عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ عام موڪل جي منظوري ڏني. نوٽيفڪيشن جي ڪاپي سمورين لاڳاپيل وفاقي وزارتن، ڊويزنن، صوبائي ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان حڪومتن، هٿياربند فوج جي هيڊڪوارٽرز ۽ اعلى عدالتي ۽ سرڪاري ادارن کي موڪلي وئي آهي. ان ڏينهن وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سموريون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون، تعليمي ادارا ۽ بئنڪون بند رهنديون.