حيدرآباد -21 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪستان جي 79هين آزاديءَ جي سلسلي ۾ سرگرمين جو سلسلو جاري آهي، وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي هدايتن تي فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ”گرين پاڪستان، گرين ڪيمپس“ جي عنوان سان وڻڪاري مهم منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي ڊينز، استادن، آفيسرن ۽ شاگردن ٻوٽا پوکيا، وڻڪاري مهم ۾ استاد، آفيسرن ۽ شاگردن …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ”گرين پاڪستان، گرين ڪيمپس“ تحت وڻڪاري مهم جاري

مزید خبریں
حيدرآباد -21 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪستان جي 79هين آزاديءَ جي سلسلي ۾ سرگرمين جو سلسلو جاري آهي، وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي هدايتن تي فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ”گرين پاڪستان، گرين ڪيمپس“ جي عنوان سان وڻڪاري مهم منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي ڊينز، استادن، آفيسرن ۽ شاگردن ٻوٽا پوکيا، وڻڪاري مهم ۾ استاد، آفيسرن ۽ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر چيو ته وڻڪاري رڳو ماحول کي سرسبز بڻائڻ جي سرگرمي ناهي، پر ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت پڻ آهي. هن چيو ته زرعي يونيورسٽي هجڻ جي ناتي سنڌ زرعي يونيورسٽي ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.











