ناڻي واري وفاقي وزير سان سلڪ روڊ فنڊ جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان چين جي ناليواري سيڙپڪاري فنڊ سلڪ روڊ فنڊ جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻ وفد جي چيئرپرسن زو جون ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان چين جي ناليواري سيڙپڪاري فنڊ سلڪ روڊ فنڊ جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻ وفد جي چيئرپرسن زو جون ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان جي هاڻوڪي معاشي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو، جنهن ۾ مالياتي نظم و ضبط ۾ بهتري، پرڏيهي کاتن جي استحڪام، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ مجموعي معاشي صورتحال ۾ بهتري شامل آهن. هن چيو ته حڪومت معاشي استحڪام کي برقرار رکندي ساختي سڌارن ۽ پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير ملڪي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ، ٽيڪس بيس وسيع ڪرڻ، ڊجيٽلائزيشن ذريعي ٽيڪس انتظامي نظام کي بهتر بنائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ ساختي مسئلن جي حل لاءِ حڪومتي قدمن تي روشني وڌي. هن روانگي واپار تي ٻَڌل اقتصادي اؤسر ۽ ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ جاري ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت پاليسين ۾ تسلسل، اداره جاتي نظام جي مضبوطي ۽ اهم شعبن ۾ سڌارن ذريعي ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته سلڪ روڊ فنڊ جهڙي عالمي سيڙپڪاري ادارن سان تعاون سيڙپڪاريءَ جي جوڙجڪ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ پيداواري معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان جي نجڪاري پروگرام ۽ انفراسٽرڪچر، توانائي، مينيوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا به بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي سيڙپڪاري ۽ نجڪاريءَ جي قدمن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي وڌ کان وڌ شرڪت ضروري آهي. سلڪ روڊ فنڊ جي وفد پاڪستان سان وڌيڪ تعاون ۽ رابطن ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ملڪي معاشي بنيادن کي مستحڪم بنائڻ جي حوالي سان ٿيل اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. زو جون چيو ته وفد شروعاتي طور جن نجي شعبي جي منصوبن جو جائزو ورتو، ان ۾ ڪيترن جي معيار ۽ صلاحيت کان خاص طور متاثر ٿيو آهي. هن پاڪستان جي نجي شعبي جي صلاحيتن کي به ساراهيو. زو جون چيو ته سلڪ روڊ فنڊ پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي، توانائي، نجي شعبي جي ترقي ۽ اهڙن منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو جيڪي وسيع معاشي ۽ سماجي فائدا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هجن. ملاقات ۾ بجلي جي شعبي ۾ جاري سڌارن خاص ڪري بجلي جي رسد، ورڇ ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهتريءَ لاءِ وسيع تر ساختي سڌارن سان پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي نجي شعبي جي باري ۾ سلڪ روڊ فنڊ جي مثبت جائزي جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اداره جاتي سيڙپ ۽ پاڪستان ۾ قابلِ اعتماد ۽ واپاري بنيادن تي قابلِ عمل منصوبن وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ ضروري آهي. هن ان بابت پاڪستاني ادارن، نجي شعبي ۽ سلڪ روڊ فنڊ وچ ۾ مسلسل رابطن جي حوصله افزائي ڪئي ته جيئن قابلِ عمل سيڙپڪاريءَ جي موقعن جي نشاندهي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اڳڀرائي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں