اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم خطي ۾ پائيدار امن جي فروغ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عزيز ڀاءُ وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم سان ڳالهه ٻولهه ڪري کيس خوشي ٿي آهي، سندس صحت بابت معلوم ڪيو ۽ ان جي …
ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم خطي ۾ پائيدار امن جي فروغ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عزيز ڀاءُ وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم سان ڳالهه ٻولهه ڪري کيس خوشي ٿي آهي، سندس صحت بابت معلوم ڪيو ۽ ان جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان علائقائي صورتحال خاص طور تي نار جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.










