راولپنڊي - 21 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملائيشيا سان دفاعي تعاون ۽ اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نسوتيون اسماعيل پاڪستان ۾ ملائيشيا جي سفير ۽ اعلى سطحي وفد سان گڏ …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملائيشيا جي گهرو وزير جي قيادت ۾ اعلى سطحي وفد جي ملاقات، ملائيشيا سان دفاعي تعاون ۽ اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
راولپنڊي – 21 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملائيشيا سان دفاعي تعاون ۽ اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي گهرو وزير سيف الدين نسوتيون اسماعيل پاڪستان ۾ ملائيشيا جي سفير ۽ اعلى سطحي وفد سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت سان جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط ۽ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. فيلڊ مارشل ملائيشيا سان دفاعي تعاون ۽ اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










