ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهي ڪارروايون دهشتگرديءَ خلاف قومي عزم جو ثبوت آهن. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون پيشيوراڻيون صلاحيتون ۽ عزم ساراهه جوڳيون آهن. ڀارتي پُٺڀرائيءَ ۾ سرگرم 49 دهشتگردن …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهي ڪارروايون دهشتگرديءَ خلاف قومي عزم جو ثبوت آهن. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون پيشيوراڻيون صلاحيتون ۽ عزم ساراهه جوڳيون آهن. ڀارتي پُٺڀرائيءَ ۾ سرگرم 49 دهشتگردن کي مارڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي. شاندار ڪارڪردگيءَ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته امن، سلامتي لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيد ۽ غازي قوم جو فخر آهن. دشمن جي ڪابه سازش قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي شڪست نٿيون ڏئي سگهن.

مزید خبریں