سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خاتمي لاءِ مختلف ڪارروايون، 49 خوارجي مارجي ويا

راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خاتمي لاءِ مختلف ڪاررواين دوران 49 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب دهشتگرديءَ جي خطرن جي خاتمي ۽ خوارجين ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪس جي خاتمي لاءِ پُرعزم ڪوششن جي سلسلي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران سيڪيورٽي فورسز پوليس سان گڏجي ڳجهي …

راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خاتمي لاءِ مختلف ڪاررواين دوران 49 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب دهشتگرديءَ جي خطرن جي خاتمي ۽ خوارجين ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪس جي خاتمي لاءِ پُرعزم ڪوششن جي سلسلي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران سيڪيورٽي فورسز پوليس سان گڏجي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي تيز رفتار ۽ ڪيترائي آپريشنز ڪيا، اهي ڪارروايون ڀارتي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خاتمي لاءِ جاري بنا ڪنهن فرق جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري مهم جو حصو هيون، انهن ڪاررواين ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪس کي وڏو ڌچڪو پهچائيني 49 دهشتگردن ۽ خوارجين کي ماريو ويو ۽ ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي مؤثر طور ناڪام بڻايو ويو. ڪي پي ڪي ۾ بنون، اُتر وزيرستان، اورڪزئي ۽ خيبر ضلعن ۾ ڪيترن ئي تيز رفتار ڳجهي اطلاع تي آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 12 خوارجين کي ماريو ويو. ڪاررواين دوران وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مواد، آءِ اي ڊي جي ڊيٽونيٽنگ ريموٽ، هٿيار، بم بارود ۽ موٽر سائيڪلون تباهه ڪيون ويون. بلوچستان ۾ مستونگ، مچ، خضدار ۽ پنجگور ضلعن ۾ 10 ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ٿيل آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنه الهندستان سان لاڳاپو رکندڙ 37 دهشتگردن کي مؤثر طريقي سان ماريو ويو. ڪاررواين دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار، ڌماڪيدار مواد سان ڀريل ڊرم ۽ ريموٽ ڪنٽرول سميت گوليون ۽ اوزار قبضي ۾ وٺي تباهه ڪيا ويا. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن ۽ عوام جي دفاع جي پنهنجي عزم تي مڪمل طور ثابتِ قدم ۽ پُرعزم آهن. علائقي ۾ موجود ٻين ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم خوارجين ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائزيشن آپريشنز جاري آهن. نيشنل ايڪشن پلان بابت وفاقي اپيڪس ڪميٽي جي منظوريءَ سان عزم ۽ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگرديءَ خلاف مهم پوري رفتار سان جاري رهندي.

مزید خبریں