اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي گڏيل انٽيليجنس بيسڊ ڪاررواين ۾ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي 49 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي …
صدر پاران 49 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي گڏيل انٽيليجنس بيسڊ ڪاررواين ۾ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي 49 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون ڀرپور انداز ۾ جاري رهنديون. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري امن، قومي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪندي.











