وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 49 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج پيش

ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشنن دوران 49 دهشتگردن ۽ خوارجين کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ تي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته 49 دهشتگردن ۽ خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن جي بهادري ۽ عزم کي سلام …

ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشنن دوران 49 دهشتگردن ۽ خوارجين کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ تي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته 49 دهشتگردن ۽ خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن جي بهادري ۽ عزم کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ هلندڙ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جو خاتمو سڪيورٽي ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي.مراد علي شاهه چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هميشه پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ڌرتيءَ جو دفاع ڪيو آهي.هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سنڌ حڪومت ۽ صوبي جا عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن. ڀارت جي سرپرستي ۾ پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو.

مزید خبریں