اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي پارلياماني جمهوريت، اختيارن جي ورڇ ۽ آئيني حڪمراني جي اصولن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه جو پنهنجي پنهنجي آئيني ڪردار موجب ڪم ڪرڻ ضروري آهي. عوامي رابطن واري شعبي مان جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سول سروس اڪيڊمي لاهور ۾ 54 هين …
قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه کي پنهنجي پنهنجي آئيني ڪردار موجب ڪم ڪرڻ ضروري آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي پارلياماني جمهوريت، اختيارن جي ورڇ ۽ آئيني حڪمراني جي اصولن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه جو پنهنجي پنهنجي آئيني ڪردار موجب ڪم ڪرڻ ضروري آهي. عوامي رابطن واري شعبي مان جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سول سروس اڪيڊمي لاهور ۾ 54 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام (سي ٽي پي) جي تربيت هيٺ آفيسرن جي وفد سان سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات دوران چئي. وفد جي قيادت سول سروسز اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل فرحان عزيز خواجه ڪئي جڏهن ته فيڪلٽي ميمبر به وفد سان گڏ هئا. ملاقات دوران چيف جسٽس پارلياماني جمهوريت ۽ رياستي ادارن وچ ۾ اختيارن جي ورڇ جي بنيادي خاصيت تي روشني وڌي ۽ آئيني حڪمراني ۽ قانون جي حڪمراني جي قيام ۾ پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه جي گڏيل تڪميلي ڪردار جي وضاحت ڪئي. چيف جسٽس آفيسرن کي عدالتي نظام جي مختلف درجن ۽ مختلف عدالتن جي اختيار جي دائري کان به آگاهه ڪيو. هن اداره جاتي تعاون ۽ انصاف واري شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان قومي جڊيشل (پاليسي ساز) ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جي ڪردار تي به روشني وڌي ۽ ان کي اعليٰ ترين عدالتي پاليسي فورم قرار ڏنو. وفد کي عدالتن جي بنيادي ڍانچي ۽ عوامي سهولتن ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو.











