اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان عالمي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ مالياتي ذريعن ۾ واڌ لاءِ پنهنجو پهريون ڊائيورسيفائيڊ پيمينٽ رائيٽس (DPR) پروگرام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد موجب ڊي پي آر پروگرام عالمي سيڙپڪارن ۽ پرڏيهي ڪرنسي ۾ ڊگهي مدي واري فنانسنگ حاصل ڪرڻ جو هڪ جديد مالياتي ذريعو آهي. ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ۽ بئنڪ الفلاح وچ ۾ پروجيڪٽ معاهدو طئي …
پاڪستان ۾ پهريون ڊي پي آر پروگرام متعارف، جديد مالياتي نظام طرف اهم اڳڀرائي
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان عالمي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ مالياتي ذريعن ۾ واڌ لاءِ پنهنجو پهريون ڊائيورسيفائيڊ پيمينٽ رائيٽس (DPR) پروگرام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد موجب ڊي پي آر پروگرام عالمي سيڙپڪارن ۽ پرڏيهي ڪرنسي ۾ ڊگهي مدي واري فنانسنگ حاصل ڪرڻ جو هڪ جديد مالياتي ذريعو آهي. ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ۽ بئنڪ الفلاح وچ ۾ پروجيڪٽ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڊي پي آر پروگرام تحت شروعاتي طور تي 100 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي فنانسنگ دستياب هوندي. پروگرام سان پاڪستان جي مالياتي ذريعن ۾ جدت پيدا ٿيڻ، عالمي سيڙپڪارن تائين پهچ وڌڻ ۽ پيداواري سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. خرم شهزاد چيو ته ڊي پي آر ماڊل ٻين پاڪستاني بئنڪن لاءِ عالمي سيڙپڪار مارڪيٽس سان ڳنڍيل هجڻ جو نئون مثال قائم ڪندو. هن چيو ته نون مالياتي ذريعا، وڌندڙ سيڙپڪاري ۽ مضبوط عالمي مالياتي رابطا پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي آهن.












