اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪيترن ئي عالمي سيٽلائيٽس آپريٽرز سميت اسٽار لنڪ، ون ويب، شنگهائي اسپيس ڪام سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ سيٽ ليوٽ جي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخلا ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. جمعي ڏينهن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن طرفان سينيٽ کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسٽارلنڪ، ايس اي سي پي وٽ رجسٽريشن ڪرائي آهي جڏهن ته ٻين آپريٽرز …
ڪيترن ئي عالمي سيٽلائيٽس آپريٽرز سميت اسٽار لنڪ، ون ويب، شنگهائي اسپيس ڪام سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ سيٽ ليوٽ پاران پاڪستاني مارڪيٽ ۾ دلچسپي ظاهر
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪيترن ئي عالمي سيٽلائيٽس آپريٽرز سميت اسٽار لنڪ، ون ويب، شنگهائي اسپيس ڪام سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ سيٽ ليوٽ جي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخلا ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. جمعي ڏينهن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن طرفان سينيٽ کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسٽارلنڪ، ايس اي سي پي وٽ رجسٽريشن ڪرائي آهي جڏهن ته ٻين آپريٽرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پاڪستان اسپيس ايڪٽوٽيز ريگوليٽري بورڊ جي رجسٽريشن کان اڳ ايس اي سي پي ۾ رجسٽريشن جي طريقيڪار تي عمل ڪن. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارتي فڪسڊ سيٽلائيٽس سروسز جو لائسنسنگ فريم ورڪ تيار ڪري ورتو آهي جيڪو حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ جلد ئي وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جي اميد آهي. هي عالمي بهترين طريقن موجب آهي ۽ ان جو مقصد قومي اسپيڪٽرم مينيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي گهرجن جي تعميل کي يقيني بڻائيندي سمورن سيٽلائيٽس آپريٽرز لاءِ هڪ شاندار، غير جانبدار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪرڻ آهي. فڪسڊ سيٽلائيٽ سروسز لائسنسنگ فريم ورڪ سيٽلائيٽ براڊ بينڊ نيٽ ورڪ جي منتقلي، بينڊو ڊٿ جي فراهمي ۽ ڪارپوريٽ ڊيٽا سروسز کي ممڪن بڻائيندو جنهن سان سيٽلائيٽ تي ٻڌل هڪ جامع ڪنيڪٽويٽي نظام کي مدد ملندي.












