اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ايوان کي ٻڌايو ويو ته پي سي بي عورتن جي ڪرڪيٽ لاءِ جوڳا فنڊ مختص ڪندو آهي، ڪراچي هاءِ پرفارمنس سينٽر کي خاص طور تي وومين ڪرڪيٽ لاءِ مختص ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران ڪابينه ڊويزن پاران لکت ۾ آگاه ڪيو ويو ته پي سي بي خودمختيار اداري جي حيثيت سان حڪومتي مداخلت کانسواءِ پنهنجون حڪمت …
پي سي بي عورتن جي ڪرڪيٽ کي هٿي وٺائڻ ۽ ترقي لاءِ هر سال جوڳا فنڊ مختص ڪندو آهي: ڪابينه ڊويزن
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ايوان کي ٻڌايو ويو ته پي سي بي عورتن جي ڪرڪيٽ لاءِ جوڳا فنڊ مختص ڪندو آهي، ڪراچي هاءِ پرفارمنس سينٽر کي خاص طور تي وومين ڪرڪيٽ لاءِ مختص ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران ڪابينه ڊويزن پاران لکت ۾ آگاه ڪيو ويو ته پي سي بي خودمختيار اداري جي حيثيت سان حڪومتي مداخلت کانسواءِ پنهنجون حڪمت عمليون طئه ڪندو آهي، سڄي ملڪ ۾ اڪيڊميز مڪمل طور تي فعال آهن جتي ماهر ڪوچز جي نگراني ۾ سڄو سال سکيا فراهم ڪئي ويندي آهي جنهن جو مقصد نوجوان ٽيلينٽ جي نگراني ڪرڻ آهي. پي سي بي هر سال ٽن کان چئن پرڏيهي دوران جو انتظام ڪندو آهي جنهن سان ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري ايندي آهي ۽ عالمي ريڪنگ ۾ اضافو ٿيندو آهي. انڊر- 19 جي اڀرندڙ رانديگرن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي، رانديگرن کي مرڪزي ۽ ملڪي سطح جي معاهدن سان گڏوگڏ ميچ فيس پڻ فراهم ڪئي ويندي آهي.












