راولپنڊي- 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته حڪومت راندين جي فروغ ۽ نوجوانن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ گراس روٽ ليول تي رانديگرن جي حوصلا افزائي کي ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وقارالنساءَ ڪاليج فار وومين راولپنڊي ۾ هاڪي ڪٽس ورهائڻ واري تقريب کي …
حڪومت راندين جي فروغ ۽ نوجوانن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري
راولپنڊي- 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته حڪومت راندين جي فروغ ۽ نوجوانن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ گراس روٽ ليول تي رانديگرن جي حوصلا افزائي کي ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وقارالنساءَ ڪاليج فار وومين راولپنڊي ۾ هاڪي ڪٽس ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن راولپنڊي ضلعي جي هاڪي رانديگر شاگردياڻي ۾ 127 ڪٽس ورهايون. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ڪٽس ورهائڻ جو مقصد رانديگرن کي راندين جون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ هاڪي کي هيٺئين سطح تي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومت نوجوان ٽيلنٽ جي حوصلا افزائي جي لاءِ عملي قدم جاري رکيا آهن. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته تعليم ۽ راندين جي شعبن جي گڏيل تعاون سان نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته رانديون نوجوانن ۾ نظم ۽ ضبط، ٽيم ورڪ ۽ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جو موثر ذريعو آهن. هن چيو ته هاڪي پاڪستان جي قومي راند آهي ۽ ان جي شاندار روايتن ۽ سنهري ماضي کي نظر ۾ رکندي نئين نسل کي ان راند طرف راغب ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته گراس روٽ ليول تي هاڪي کي فروغ ڏئي مستقبل جا بهترين رانديگر تيار ڪري سگهجن ٿا جيڪي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.












