واپار واري وفاقي وزير سان ڊجيٽل اٿارٽي جي نمائندن ۽  اسڪاءِ – 47 جي انتظاميه جي ملاقات، لاڳاپيل ادارن لاءِ ڊجيٽل ايڪو سسٽم بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جي نمائندن ۽  اسڪاءِ - 47 جي انتظاميه ملاقات ڪئي جنهن دوران وزارت ۽ ان سان  ڳنڍيل ادارن لاءِ  محفوظ، مربوط ۽ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ ڊجيٽل ايڪو سسٽم  جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ حڪومتي ڊيٽا کي قومي اثاثي طور استعمال ڪرڻ، …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جي نمائندن ۽  اسڪاءِ – 47 جي انتظاميه ملاقات ڪئي جنهن دوران وزارت ۽ ان سان  ڳنڍيل ادارن لاءِ  محفوظ، مربوط ۽ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ ڊجيٽل ايڪو سسٽم  جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ حڪومتي ڊيٽا کي قومي اثاثي طور استعمال ڪرڻ، پاڪستان جي خودمختيار ڪلاڊ ۽ ڊيٽا سينٽر جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ، ڊيٽا جي محفوظ مٽاسٽا کي فعال ڪرڻ ۽ واپار ۽ ايڪسپورٽ پاليسي سازي لاءِ مصنوعي ذهانت جي استعمال تي ڌيان ڏنو ويو. ڄام ڪمال خان چيو ته واپار واري وزارت هزارين ٽيرف ۽ مصنوعات جي لائنن، روانگي واپار ڪندڙن،عالمي مارڪيٽن، واپاري ادارن، چيمبرز آف ڪامرس، ڪاروباري تنظيمن ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ واپاري مشن بابت وسيع معلومات رکي ٿي. ه چيو ته ان بي ترتيب معلومات کي معياري، جامع ۽ بااختيار صارفين لاءِ محفوظ ۽ فيصلا ساز فارميٽس ۾ آساني سان دستيابي هجڻ گهرجي. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان جو واپاري ڊيٽا قيمتي قومي اثاثو آهي، ان کي محفوظ، مناسب درجابندي ۽ روانگي واپار ڪندڙن، ڪاروباري ادارن ۽ پاليسي سازن لاءِ عمل جوڳي انٽليجنس ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. هن وزارت جي ونگز، لاڳاپيل ادارن، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان، چيمبرز ۽ واپاري تنظيمن سان گڏوگڏ 55 کان وڌيڪ ملڪن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستان جي واپاري آفيسن کي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي واپار واري وزير کي ڊيٽاگورننس، ڊيٽا ايڪسچينج، انٽرپرائيز آرڪيٽيڪچر ۽ ڪلاڊ اختيار لاءِ اڀرندڙ قومي فريم ورڪ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ حڪومتي ڊيٽا جي ڪيٽيگريز ۾ درجابندي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سرڪاري کاتا مڪمل ڊيٽا سيٽس کي منتقل ڪرڻ بدران صرف ڪنهن خاص مقصد لاءِ گهربل معلومات جو سهڪار ڪن. ڊيٽا ايڪسچينج جو تجويز  ڪيل طريقيڪار  ڳجهو ۽ ذاتي معلومات جي غلط استعمال کي روڪڻ سان گڏوگڏ محفوظ، معياري ۽ ٽريس ايبل انٽر ڊپارٽمنٽل پهچ جي سهولت فراهم ڪندو. ڄام ڪمال خان واپاري رجحانن جو تجزيو ڪرڻ، روانگي واپار جي موقعن جي نشآندهي ڪرڻ ۽ مارڪيٽ بابت پاليسي جي سفارشن جي تياري ۾ مدد لاءِ مصنوعي ذهانت جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو.  Sky47  سان ملاقات ۾ پاڪستان جي ڊيٽا سينٽر جي صلاحيت، خودمختيار ڪلاڊ سروسز، سائبر سيڪيورٽي، ڊزاسٽر ريڪوري ۽ مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل ڪمپيوٽنگ جي وڌندڙ ضرورتن تي ڌيان ڏنو ويو. Sky47  وزير کي ان جي ڊيٽا سينٽر جي بنيادي ڍانچي ۽ ٻين منصوبن جي باري ۾ ٻڌايو. واپار واري وزير کي ٻڌايو ته جديد ڊيٽا سينٽرز عالمي معيار موجب انتهائي قابل اعتماد خدمتون فراهم ڪري سگهن ٿيون. ڳالهين ۾ توانائي سان هلندڙ ڪولنگ سسٽمز، ذهين ڊيٽا اسٽوريج، ميٽا مينيجمينٽ، ڊيٽا فيبرڪ ٽيڪنالاجيز ۽ روايتي ايپلي ڪيشنز، اي آءِ ماڊلز ۽ مستقبل جي ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ورڪ بار جي ڌار ڌار ڪمپيوٽنگ ضرورتن جو به جائزو ورتو ويو.  واپار واري وزير چيو  ته پاڪستان کي ملڪ جي اندر اهم قومي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مقامي صلاحيت پيدا ڪرڻ گهرجي ان سان گڏوگڏ ڊيٽا جي خودمختياري کي يقيني بڻائيندي ڪلاڊ ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل سروسز جدت ۽ سيڙپڪاري کي ممڪن بڻائڻ گهرجي.

مزید خبریں