ناڻي واري وفاقي وزير سان آءِ سي سي ڊي جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اسلامي چيمبر آف ڪامرس اينڊ ڊولپمينٽ (آءِ سي سي ڊي) جي سيڪريٽري جنرل شيخ يوسف حسن خلوي ملاقات ڪئي جنهن دوران اقتصادي تعاون، حلال معيشت، اسلامي فنانس ۽ نجي شعبي وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اسلامي چيمبر آف ڪامرس اينڊ ڊولپمينٽ (آءِ سي سي ڊي) جي سيڪريٽري جنرل شيخ يوسف حسن خلوي ملاقات ڪئي جنهن دوران اقتصادي تعاون، حلال معيشت، اسلامي فنانس ۽ نجي شعبي وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي ڪاروباري برادري کي عالمي ڪاروباري نيٽ ورڪس سان ڳنڍڻ، حلال فوڊ، فيشن، حلال سياحت، خدمتن ۽ ٻين صارفين جي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني مصنوعات لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي حلال معيشت جي وسيع تصور سان اڳتي وڌندي مخصوص مصنوعات، شعبن ۽ عالمي منڊين جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستاني ڪاروبار اڀرندڙ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهي. آءِ سي سي ڊي جي سيڪريٽري جنرل اسلامي چيمبر جي عالمي سطح تي وڌندڙ سرگرمين ۽ مڃيل ڪاروباري برادرين کي نجي شعبي ۽ اداره جاتي حصيدارن سان جوڙڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي اسلامي مالياتي نظام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اسلامي اقتصادي ۽ مالياتي پليٽ فارمز سان تعاون وڌائڻ ۽ پاڪستاني ڪاروباري ادارن لاءِ واپاري طور تي عمل جوڳا موقعا پيدا ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو. ڌرين عالمي ڪانفرنسن، بزنس فورمز ۽ ٻين پليٽ فارمز ذريعي پاڪستاني ڪاروباري برادري ۽ عالمي ڪاروباري نيٽ ورڪس وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. سينيٽر محمد اورنگزيب اسلامي چيمبر جي پاڪستان سان وڌندڙ حصيداري کي ساراهيندي چيو ته ڪاروباري برادري سان مسلسل رابطي ذريعي عملي ۽ عمل جوڳي تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ گهرجن.