پاڪستان حڪومت تڪرارن جي متبادل حل جي مؤثر نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي معاونت جاري رکندي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان حڪومت تڪرارن جي متبادل حل جي مؤثر نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي معاونت جاري رکندي، پنچائت ۽ سمجهوتو اسان جي ديني ۽ سماجي ورثي جو حصو آهن، عالم سڳورا سمجهوتي واري نظام کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڌيڪ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، حڪومت اهڙا قانون متعارف ڪرائي رهي …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان حڪومت تڪرارن جي متبادل حل جي مؤثر نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي معاونت جاري رکندي، پنچائت ۽ سمجهوتو اسان جي ديني ۽ سماجي ورثي جو حصو آهن، عالم سڳورا سمجهوتي واري نظام کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڌيڪ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، حڪومت اهڙا قانون متعارف ڪرائي رهي آهي جن تحت تڪرار عدالتن تائين پهچڻ کان اڳ ئي حل ڪري سگهجن. هن اهڙو اظهار سول، ڪمرشل ۽ شريعت سان هم آهنگ ٽياڪڙي جي 5 ڏينهن واري تربيتي پروگرام جي دؤري جي موقعي تي ڪيو. تربيتي پروگرام انٽرنيشنل ميڊي ايشن اينڊ آربيٽريشن سينٽر (آءِ ميڪ) ۽ او آءِ سي آربيٽريشن سينٽر جي سهڪار سان منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ عالم سڳورن کي سول، ڪمرشل ۽ شريعت سان هم آهنگي ٽياڪڙي جي مختلف رُخن بابت تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته دنيا بدلجي رهي آهي ۽ اتفاق راءِ واريِ نظام کي تيزيءَ سان هٿي ملي رهي آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي به قانوني فريم ورڪ ۾ اتفاق راءِ کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته سمجهوتي جو بنياد اسان جي دين ۾ موجود آهي، عالم سڳورا ان کي نيڪيءَ جي نيت سان اڳتي وڌائين. سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪجهه معاملن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ کان اڳ سمجهوتي کي لازمي قرار ڏنو ، ٽيڪس تڪرارن ۾ لاڳاپيل سرڪاري ادارا عدالت وڃڻ کان اڳ گڏيل اتفاق راءِ ڪري رهيا آهن ۽ ٽيڪس بابت ڪيترائي تڪرار عدالتن کان ٻاهر حل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته اتفاق راءِ نظام ذريعي ڪيترن ئي سالن جو ڪم ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ٿيڻ لڳو آهي جڏهن ته ٽياڪڙي جي مؤثر نظام سان عدالتي نظام تي ڪيسن جو بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سمجهوته نظام تڪرارن جي تيز رفتار، مؤثر ۽ گهٽ لاڳت حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته عدالت وڃڻ کان اڳ اتفاق راءِ کي مؤثر بنائڻ لاءِ وڌيڪ قانون آندا پيا وڃن، پاڪستان ۾ ٽياڪڙي جي مؤثر نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمي ڀائيواري اهم آهي ۽ او آءِ سي آربيٽريشن سينٽر جي سهڪار سان تربيتي پروگرام عالمي بهترين طريقيڪار مان فائدو کڻڻ جو اهم ذريعو آهي. هن چيو ته ٽياڪڙي جي شعبي ۾ عالمي معيار جون مهارتون پيدا ڪرڻ پاڪستان جي قانوني نظام لاءِ اهم آهي، پاڪستان حڪومت تڪرارن جي متبادل حل جي مؤثر نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي معاونت جاري رکندي.