نيويارڪ-21 آگسٽ (اي پي پي)يو ايس ٽينس ايسو سي ايشن (يو ايس ٽي اي) 2026ع جي يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ڪل انعامي رقم ۾ اٽڪل 20 سيڪڙو جي اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن مطابق تاريخ جي سڀ کان وڏي مجموعي انعامي رقم 10 ڪروڙ 80 لک ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن نالي وارن رانديگرن …
يو ايس اوپن ٽينس جي انعامي رقم ۾ تاريخي اضافو، چيمپئينز کي 55 لک ڊالرز ملندا
نيويارڪ-21 آگسٽ (اي پي پي)يو ايس ٽينس ايسو سي ايشن (يو ايس ٽي اي) 2026ع جي يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ڪل انعامي رقم ۾ اٽڪل 20 سيڪڙو جي اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن مطابق تاريخ جي سڀ کان وڏي مجموعي انعامي رقم 10 ڪروڙ 80 لک ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن نالي وارن رانديگرن پاران مڪسڊ ڊبلز ايونٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. عورتن ۽ مردن جي سنگلز مقابلن جي چيمپئينز کي 55 لک ڊالرز في ماڻهو ملندا، جڏهن ته پهرين رائونڊ ۾ شڪست مليل رانديگرن جي انعامي رقم هڪ لک 40 هزار ڊالرز مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 27 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انعامي رقم ۾ رانديگرن جي ڀلائي لاءِ 20 لک ڊالرز به مخصوص ڪيا ويا آهن. اها رقم هڪ آزاد اڪائونٽ ۾ رکي ويندي جڏهن ته ان پروگرام جا تفصيل طئي ڪرڻ ۾ رانديگرن کي به شامل ڪيو ويندو. چئني گرينڊ سلام ٽورنامينٽس گرينڊ سلام پليئر ڪائونسل قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد رانديگرن کي ٽورنامينٽس بابت معاملن ۽ انعامي رقم سميت مختلف معاملن تي سڌي ريت پنهنجي راءِ ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي، رانديگر ڊگهي عرصي کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته گرينڊ سلام ٽورنامينٽس پنهنجي آمدني جو 16 سيڪڙو انعامي رقم رانديگرن لاءِ مخصوص ڪري، جنهن کي 2030ع ۾ وڌائي 22 سيڪڙو ڪيو وڃي. پر يو ايس اوپن جي 2025ع جي مالي رپورٽ اڃان جاري ناهي ٿي، ان ڪري واضح ناهي ته ٽورنامينٽ 16 سيڪڙو جو هدف حاصل ڪيو آهي يا نه. هلندڙ سال انعامي رقم ۾ سڀ کان وڏو اضافو پهرين رائونڊ ۾ ٿيو آهي جڏهن ته بعد ۾ هر رائونڊ ۾ اضافي جي شرح گهٽجندي ويندي. مڪسڊ ڊبلز ۾ به انعامي رقم ٻيڻي ڪئي وئي آهي پر فاتح جوڙي کي ملندڙ مجموعي رقم 10 لک ڊالر برقرار رهندي. يو ايس اوپن 30 آگسٽ کان شروع ٿيندو.












