اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزان ڪستافن جي 5 سالا سفارتي مدي دوران پاڪستان ۽ قازقستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته سندس سفارتي دور ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قازقستان جي سفير سان ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات …
قازقستان جي سفير جي پاڪستان ۽ قازقستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيون ٿا: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزان ڪستافن جي 5 سالا سفارتي مدي دوران پاڪستان ۽ قازقستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته سندس سفارتي دور ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قازقستان جي سفير سان ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته سندس سفارتي دور ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي، جنهن جو نقطه عروج فيبروري 2026ع ۾ قازقستان جي صدر قاسم زومارت توڪايف جو پاڪستان جو تاريخي سرڪاري دورو هو. اهو 23 سالن کانپوءِ ڪنهن قازق صدر جو پاڪستان جو پهريون دورو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري جي سطح تائين بلند ڪيو ويو. صدر دوري جي دوران طئي ٿيندڙ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي موثر عملدرآمد ۽ سياسي خيرسگالي کي وڌيڪ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته مسلسل رابطن جي ذريعي ٻطرفي واپار کي ٻن سالن ۾ هڪ ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، دواسازي، ٽيڪسٽائيل ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ تعاون جي موقعن کي اجاگر ڪندي مواصلات، ريلوي، فضائي ۽ سامونڊي شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هن صدر قاسم زومارت توڪايف ۽ قازقستان جي حڪومت پاران پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جي لاءِ 10 لک ڊالر جي گرانٽ کي ساراهيو ۽ گوجرانوالا ۾ پهرين قازقستان – پاڪستان مصنوعي ذهانت مرڪز قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي. قازقستان جي سفير صدر کي ٻڌايو ته قازقستان پاڪستان سان ريلوي رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته واپار، ٽرانسپورٽ، توانائي، زراعت، آءِ ٽي ۽ تعليم جي شعبن تي ٻڌل 6 شعباجاتي ورڪنگ گروپس اڳ ۾ ئي فعال آهن. هن ٻڌايو ته قازقستان ڪيترين ئي ناليواري يونيورسٽين جا ڪئمپس قائم ڪيا آهن، جتي پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي شاگردن کي ناليوارين عالمي يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ گهٽ خرچن تي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ميسر آهن. هن چيو ته هن وقت اٽڪل هڪ هزار پاڪستاني شاگرد قازقستان جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قازقستان پاڪستاني ميون، خاص طور تي انب، زيتون، فالسي ۽ ٻين گرم علائقن جي ميون جي لاءِ هڪ منڊيءَ بڻجي سگهي ٿو. صدر حڪومت، ڪاروباري برادري ۽ تعليمي ادارن سان سفير جي فعال رابطن ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن قازقستان جي صدر قاسم زومارت توڪايف جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ سفير يرزان جي لاءِ مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابي جي دعا ڪئي.









