ڪراچي-20 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سي ايم پاڪ (زونگ فائيو جي) جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيوٽو آفيسر هو جونلي خميس ڏينهن هڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت ڪراچي ۾ زونگ جو اي آءِ ريڊي ٽيئر-III ڊيٽا سينٽر قائڪ ڪرڻ ۽ مستقبل جي توسيع تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن سان پاڪستان جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ ۽ …
سنڌ جي وڏي وزير ۽ (زونگ فائيو جي) جي چيئرمين پاران ڪراچي ۾ زونگ جو اي آءِ ريڊي ٽيئر-III ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ ۽ مستقبل جي توسيع تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
ڪراچي-20 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سي ايم پاڪ (زونگ فائيو جي) جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيوٽو آفيسر هو جونلي خميس ڏينهن هڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت ڪراچي ۾ زونگ جو اي آءِ ريڊي ٽيئر-III ڊيٽا سينٽر قائڪ ڪرڻ ۽ مستقبل جي توسيع تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن سان پاڪستان جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڊجيٽل معيشت جي ترقي کي تيز ڪرڻ جي گڏيل عزم کي ٻيهر ورجايو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ اهڙي اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري جي آجيان ڪري ٿي جيڪا پاڪستان جي فني صلاحيتن کي وڌائي. اهو اتفاق خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سي ايم پاڪ (زونگ فائيوجي) جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ٿيل ملاقات دوران طئي ٿيو جنهن جي اڳواڻي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مسٽر هو جنلي ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت وڏي وزير جي خاص مددگار علي راشد ۽ سيڪريٽري توانائي شهاب انصاري شرڪت ڪئي. سي ايم پاڪ جي وفد ۾ بورڊ ميمبر ۽ چيف ريگيوليٽري آفيسر ڪامران علي، ڊائريڪٽر ڊيٽا سينٽر ڪنسٽرڪشن سيد احمد حسن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ليگل يانگ چاو، ميجر (رٽائرڊ) حسن بلال، ليفٽيننٽ ڪرنل (رٽائرڊ) خواجه شهاب ۽ عمير افضل شامل هئا. ملاقات دوران سي ايم پاڪ جي وفد وڏي وزير کي پاڪستان جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي وڌائڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي معيار جي ڊيٽا هوسٽنگ صلاحيت قائم ڪرڻ جي ڪمپني جي حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو. وفد ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد اي آءِ ريڊي ڊيٽا سينٽرن کي روايتي ٽيليڪميونيڪيشن سهولتن جي ڀيٽ ۾ اڻ کٽ ۽ نمايان طور تي وڌيڪ بجلي جي لوڊ جي ضرورت هوندي آهي. آپريشنل اعتماد ۽ مستقبل جي توسيع کي يقيني بڻائڻ لاءِ، سي ايم پاڪ صوبائي حڪومت کان بجلي جي ٽيرف کي ڪمرشل مان انڊسٽريل ڪيٽيگري ۾ تبديل ڪرڻ، گرڊ جي گنجائش وڌائڻ، ريڊنڊنسي لاءِ ڊبل پاور فيڊز جي فراهمي ۽ پروجيڪٽ کي ترجيحي سيڙپڪاري طور فاسٽ ٽريڪ تي سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي تجويزن جو جائزو وٺن ۽ قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جي اندر هر ممڪن سهولت فراهم ڪن.وڏي وزير چيو ته ڪراچي پنهنجي اسٽريٽجڪ لوڪيشن، صنعتي بنياد، ڪنيڪٽوٽي ۽ ڊجيٽل خدمتن جي وڌندڙ گهرج جي ڪري ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا انفراسٽرڪچر جي سيڙپڪاري لاءِ تيزيءَ سان هڪ پسنديده منزل طور اڀري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو مستقبل جي معيشت ڊيٽا، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڪلائوڊ ٽيڪنالاجيز جي ذريعي هلندي. سنڌ حڪومت پنهنجي مينڊيٽ اندر هن تاريخي پروجيڪٽ کي آسان بڻائڻ ۽ لاڳاپيل اختيارين سان تعاون ۾ آپريشنل ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي.وفد وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته سي ايم پاڪ، جيڪا چائنا موبائل ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن دنيا جي سڀ کان وڏي ٽيلي ڪميونيڪيشن آپريٽر جي مڪمل ملڪيت واري ماتحت ڪمپني آهي، پاڪستان ۾ 55 ملين کان وڌيڪ سبسڪرائيبرز کي خدمتون فراهم ڪري ٿي ۽ ملڪ ۾ 3 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري چڪي آهي.ڪمپني ملڪ ۾ پنهنجي فائيو جي نيٽ ورڪ کي پڻ وڌائي رهي آهي ۽ اڳ ۾ ئي 20 کان وڌيڪ شهرن ۾ خدمتون شروع ڪري چڪي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چائنا موبائل جي پاڪستان ۽ سنڌ تي مسلسل اعتماد کي ساراهيو ۽ چيو ته اهو پروجيڪٽ ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن، چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداري ۽ مقامي ڊجيٽل صلاحيتن کي ترقي ڏيڻ جي قومي ڪوششن سان مطابقت رکي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي، سي ايم پاڪ جي چيئرمين ۽ سي اي او هو جنلي سنڌ حڪومت جو ان جي سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي لاءِ ڪمپني جي ڊگهي مدي واري عزم کي ورجايو.هن چيو ڪراچي ڊيٽا سينٽر پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو. جيڪو ڪاروبارن، سرڪاري ادارن ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز لاءِ محفوظ ۽ قابل اعتماد انفراسٽرڪچر فراهم ڪندو. ملاقات هن اتفاق سان پڄاڻي تي پهتي ته سنڌ حڪومت ۽ سي ايم پاڪ ڪراچي ڊيٽا سينٽر پروجيڪٽ جي ڪامياب عملدرآمد ۽ مستقبل جي توسيع لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکندا، جنهن سان پاڪستان کي ڊجيٽل طور بااختيار، ٽيڪنالاجي ۽ علم تي ٻڌل معيشت ڏانهن سفر کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو.









