ڪراچي-20 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ خميس ڏينهن سنڌ حڪومت ۽ گڏيل قومن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته جيئن سڄي صوبي ۾ پائيدار ترقي، موسمياتي لچڪ، سماجي تحفظ، معياري تعليم، صحت، صنفي برابري ۽ ثبوتن تي ٻڌل گورننس کي اڳتي وڌائي سگهجي. اهو عزم وزير …
سنڌ حڪومت ۽ گڏيل قومن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
ڪراچي-20 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ خميس ڏينهن سنڌ حڪومت ۽ گڏيل قومن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته جيئن سڄي صوبي ۾ پائيدار ترقي، موسمياتي لچڪ، سماجي تحفظ، معياري تعليم، صحت، صنفي برابري ۽ ثبوتن تي ٻڌل گورننس کي اڳتي وڌائي سگهجي. اهو عزم وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي ملاقات دوران ڪيو ويو جتي ٻنهي ڌرين سنڌ ۾ گڏيل قومن جي سهڪار سان هلندڙ جاري منصوبن جو وسيع جائزو ورتو ۽ گڏيل قومن جي سال 2026ع جي سالياني عالمي ڏينهن جي جشن جي تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن کي هڪ وڏي ثقافتي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن ڊائورسٽي، شموليت ۽ عالمي تعاون کي نمايان ڪري سگهجي. ملاقات ۾ تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه، ثقافت وارو وزير ذوالفقار علي شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم احمد شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي ۽ سيڪريٽري ثقافت خير محمد ڪلوڙ شرڪت ڪئي. گڏيل قومن جي وفد ۾ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جي آفيس جي سربراهه ايفڪي بوٽسمن، يونيسيف سنڌ جو چيف فيلڊ آفيسر پريم چند بهادر، يو اين ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جي آفيس سنڌ جو صوبائي ڪوآرڊينيٽر عمران خان لغاري ۽ ٻيا عهديدار شامل هئا. ملاقات ۾ 24 آڪٽوبر تي مقرر ڪيل گڏيل قومن جي عالمي ڏهاڙي 2026 جي تيارين جو جائزو ورتو ويو ۽ ثقافت کاتي سان تعاون بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته جيئن سنڌ صوبي جي سطح تي هڪ ثقافتي ڏهاڙو منظم ڪيو وڃي جيڪو عالمي ثقافتي تنوع سان گڏ سنڌ جي امير ورثي کي پڻ نمايان ڪري. وڏي وزير مراد شاھ هن اڳڀرائي کي ڀليڪار ڪيو ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه کي هدايت ڪئي ته هو گڏيل قومن جي ٽيم سان گڏجي ڪم ڪري ته جيئن تعليمي ادارن، فنڪارن، ثقافتي تنظيمن ۽ نوجوانن جي گروپن جي بامقصد شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته تجويز ڪيل تقريب گڏيل تفهيم، رواداري ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيندي جڏهن ته سنڌ ۽ گڏيل قومن وچ ۾ پراڻي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ثقافت واري وزير ذوالفقار علي شاهه گڏيل قومن جي ڏهاڙي کي ثقافتي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي تجويز واکاڻ جوڳي آهي. اهو ثقافتي ڏهاڙو سنڌ جي امير ورثي کي نمايان ڪرڻ سان گڏ بين الثقافتي ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم ثابت ٿيندو.وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته گڏيل قومن جي سهڪار سان هلندڙ پروگرامن پرائمري هيلٿ ڪيئر سسٽم کي مضبوط ڪيو ويو آهي، ايمرجنسي ريسپانس سروسز کي وڌايو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ اميونائيزيشن، پوليو جي خاتمي ۽ ماءُ توڙي ٻار جي صحت جي اڳڀرائي ۾ مدد ڪئي آهي. ملاقات ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته قومي اميونائيزيشن اسٽريٽجڪ سال 2025-2030 لاءِ فني مدد گڏيل قومن پاران فراهم ڪئي وئي . شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته بينظير نشونما مرڪزن ذريعي غذائيت لڳ ڀڳ 1.6 ملين عورتن ۽ ٻارن تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته 860,000 کان وڌيڪ ٻارن جي غذائي کوٽ جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي. انتهائي سخت غذائي کوٽ جي 55,000 کان وڌيڪ ڪيسن کي علاج جو سهڪار فراهم ڪيو ويو آهي ۽ نوجوان ڇوڪرين کي غذائي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ آئرن ۽ فولڪ ايسڊ جا سپليمينٽس ڏنا ويا آهن. ان موقعي تي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سنڌ جي هر ٻار کي معياري تعليم تائين پهچ ملڻ جو عزم ورجايو. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ محفوظ پاڻي جي پهچ کي لڳ ڀڳ 1.8 ملين ماڻهن تائين وڌايو ويو آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي، ٻنهي ڌرين اداراتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، جاري ترقياتي پروگرامن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي عالمي ڏهاڙي لاءِ رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.










