صدر آصف علي زرداري پاران مرزا فخرالاسلام عالمگير کي بنگلاديش جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مرزا فخرالاسلام عالمگير کي بنگلاديش جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ بنگلاديش ترقي جو سفر جاري رکندو ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ وڌيڪ اڳڀرائي ڪندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مرزا فخرالاسلام عالمگير کي بنگلاديش جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ بنگلاديش ترقي جو سفر جاري رکندو ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ وڌيڪ اڳڀرائي ڪندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافتي رابطن تي ٻڌل ويجها لاڳاپا قائم آهن. هن ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته هو صدر مرزا فخرالاسلام عالمگير سان گڏجي پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ وڌ کان وڌ رابطن ۽ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي. صدر بنگلاديش جي صدر کي گڏيل طور تي موزون وقت تي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس دورو ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل تعاون کي گهرو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. صدر آصف علي زرداري صدر مرزا فخرالاسلام عالمگير جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ڪاميابي سان سرانجام ڏيڻ ۽ بنگلاديش جي عوام جي لاءِ مسلسل امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں