اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) سول سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ 54هين ڪامن ٽريننگ پروگرام (سي ٽي پي) جي پروبيشنري آفيسرن پنهنجي اسلام آباد مطالعاتي دوري جي سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سول سروس جي سمورن 12 پيشيواراڻي گروپس سان تعلق رکندڙ پروبيشنرز سان گڏوگڏ سول سروسز اڪيڊمي جي فيڪلٽي پڻ شامل هئا. …
سول سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ 54هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن جو پرڏيهي وزارت جو مطالعاتي دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) سول سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ 54هين ڪامن ٽريننگ پروگرام (سي ٽي پي) جي پروبيشنري آفيسرن پنهنجي اسلام آباد مطالعاتي دوري جي سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سول سروس جي سمورن 12 پيشيواراڻي گروپس سان تعلق رکندڙ پروبيشنرز سان گڏوگڏ سول سروسز اڪيڊمي جي فيڪلٽي پڻ شامل هئا. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري، سفير حامد اصغر خان وفد کي وزارت جي ڍانچي، ڪارڪردگي ۽ پاڪستان جي مجموعي پرڏيهي پاليسي جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ هڪ تفصيلي ۽ گڏيل خيالن جي ڏي وٺ جي ويهڪ پڻ منعقد ڪئي وئي.










