اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برازيل جي پرڏيهي وزير سفير مورو ويئرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب برازيل جي پرڏيهي وزير آمريڪا – ايران معاملي ۾ ثالثي جي حوالي سان پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيندي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برازيل جي پرڏيهي وزير جو ٽيليفونڪ رابطو، گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برازيل جي پرڏيهي وزير سفير مورو ويئرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب برازيل جي پرڏيهي وزير آمريڪا – ايران معاملي ۾ ثالثي جي حوالي سان پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيندي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان پاران مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي مبارڪباد پڻ ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيڪ جذبن تي سندس ٿورا ادا ڪيا ۽ سائوٿ تعاون جي فروغ ۽ امن ۽ استحڪام جي لاءِ برازيل جي اهم ڪردار ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اعلى سطحي رابطن جي تسلسل ۽ گڏيل قومن سميت ٻين گهڻ رخي فورمز تي ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو جڏهن ته گهڻ رخي نظام، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان – برازيل لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير برازيل جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي برازيل جي پرڏيهي وزير مورو ويئرا پڻ کيس برازيل جي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي گڏيل رابطو برقرار رکڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.










