سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميڻ ڊيزل جي قيمتن ۾ لاٿ باوجود مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ جو نوٽيس ورتو، ڀاڙن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري

ڪراچي -20 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ بابت وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڀاڙن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پبلڪ …

ڪراچي -20 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ بابت وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڀاڙن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ پڻ گهٽتائي تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي ۽ مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڪنهن به ٽرانسپورٽر کي مسافرن کان من ماني يا وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مختلف روٽن تي نگراني وڌيڪ اثرائتي بڻائي وڃي ۽ وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ بابت شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو ته ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول ناهي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

مزید خبریں