پاڪستان ۽ چين وچ ۾ موجود دوستي کي عملي طور معاشي ۽ فني سهڪار ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: وڏي وزير جو صلاحڪار گيانچند ايسراڻي

ڪراچي-20 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي چيو آھي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ موجود دوستي کي عملي طور معاشي ۽ فني سهڪار ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سنڌ حڪومت ريسڪيو 1122 کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ڪري شهرين کي وقت تي ۽ اثرائتي نموني ايمرجنسي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن چين …

ڪراچي-20 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي چيو آھي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ موجود دوستي کي عملي طور معاشي ۽ فني سهڪار ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سنڌ حڪومت ريسڪيو 1122 کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ڪري شهرين کي وقت تي ۽ اثرائتي نموني ايمرجنسي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن چين جي ڪمپني جي وفد پاران سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروسز 1122 هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران  ڪيو. چيني ڪمپني جي وفد ريسڪيو 1122 جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو ۽ صوبي ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي نظام جو جائزو ورتو ۽ سنڌ ۾ جديد فائر فائٽنگ ۽ ايمرجنسي ريسڪيو نظام متعارف ڪرائڻ جي آڇ ڪئي.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪ-چين سهڪار تحت ريسڪيو ۽ فائر فائٽنگ سروسز کي جديد بڻائڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي ڊي جي ريسڪيو 1122 واجد صغت الله مهر، ڊائريڪٽر آپريشنز عابد شيخ ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ڊي جي ريسڪيو 1122 چيني وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ريسڪيو 1122 روزانو سراسري 26 کان 30 هزار ايمرجنسي ڪالز وصول ڪري ٿو ۽ روزانو تقريبن 900 طبي هنگامي حالتون جڏهن ته 30 کان 35 فائر ۽ واٽر ريسڪيو واقعن ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. ايمبولينس 8 کان 10 منٽ جڏهن ته موثر بائيڪ ريسپانس ٽيم 4 کان 5 منٽن ۾ حادثي واري هنڌ پهچڻ جي صلاحيت رکي ٿي. گذريل 4 سالن دوران ريسڪيو 1122 پاران 5,776 ماڻهن جي جانين کي بچايو ويو جڏهن ته 1,461 فوت ٿيل ماڻهن جا لاش پڻ هٿ ڪيا ويا. سروس تحت ميڊيڪل ايمرجنسي، فائر فائٽنگ، واٽر ريسڪيو، اربن سرچ اينڊ ريسڪيو، هاءِ وي ريسڪيو ۽ جينڊر ڊيسڪ جون خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن. چين جي وفد ريسڪيو 1122 جي ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي سنڌ لاءِ جديد فائر فائٽنگ اوزارن ۽ خودڪار فائر ٽينڊرز فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. وفد موجب جديد فائر فائٽنگ نظام انساني مداخلت کي گهٽ ڪندو ۽ سوڙهن رستن ۾ پڻ خودڪار طريقي سان باهه وسائڻ ۽ متاثر ماڻهن کي باهر ڪڍڻ سان گڏوگڏ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. چين جي وفد اوزارن جي فراهمي سان گڏ ٽن سالن جي مينٽيننس سروس، هر ٽن مهينن بعد ٽيڪنيڪل چڪاس ۽ تاحيات وارنٽي جي آڇ پڻ ڪئي. وفد گيانچند ايسراڻي ۽ ڊي جي ريسڪيو 1122 کي چين جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي اتي جديد فائر فائٽنگ ۽ ايمرجنسي ريسڪيو نظام جو مشاهدو ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي. بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي کي عملي معاشي ۽ ٽيڪنيڪل سهڪار ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.

مزید خبریں