نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي يورپي يونين سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ بابت اجلاس

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي يورپي يونين (اي يو) سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي حوالي سان ستون اجلاس ٿيو. سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته پاڪستان جي واپاري ۽ برآمدي ڪارڪردگي ۾ اضافي کي ترجيح ڏني وڃي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي يورپي يونين (اي يو) سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي حوالي سان ستون اجلاس ٿيو. سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته پاڪستان جي واپاري ۽ برآمدي ڪارڪردگي ۾ اضافي کي ترجيح ڏني وڃي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دوست ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي حصيداري کي تيز ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مارڪيٽ تائين پهچ، برآمدي ڪارڪردگي ۾ اضافي ۽ لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ موثر رابطن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت ڪيل واعدن ۽ ڪنوينشنز تي موثر اڳڀرائي ۽ انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هن سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاڪستان جي واپاري ۽ برآمدي ڪارڪردگي ۾ اضافي کي ترجيح ڏني وڃي، طئي ٿيل قدمن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ مارڪيٽ تائين پهچ ۽ پاڪستان جي لاءِ اقتصادي موقعا وڌائڻ جي لاءِ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري آمنه بلوچ، واپار واري وفاقي سيڪريٽري، گهرو معاملن واري وفاقي سيڪريٽري، برسلز ۾ پاڪستان جي سفير، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں