اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج ڊجيٽل پورٽل ذريعي رهتن جي پهرين قسط جي ادائيگي جاري آهي، سرڪاري اسڪيم تحت 67 هزار حج پانڌئيڙن پهرين قسط جمع ڪرائي ڇڏي. خميس ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شارٽ حج پئڪيج جون 30 هزار سيٽون مڪمل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته لانگ حج پئڪيج ۾ 37 هزار درخواستون مليون آهن. …
حج ڊجيٽل پورٽل ذريعي رهتن جي پهرين قسط جي ادائيگي جاري آهي: مذهبي معاملن واري وزارت جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حج ڊجيٽل پورٽل ذريعي رهتن جي پهرين قسط جي ادائيگي جاري آهي، سرڪاري اسڪيم تحت 67 هزار حج پانڌئيڙن پهرين قسط جمع ڪرائي ڇڏي. خميس ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شارٽ حج پئڪيج جون 30 هزار سيٽون مڪمل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته لانگ حج پئڪيج ۾ 37 هزار درخواستون مليون آهن. سرڪاري اسڪيم تحت لانگ حج پئڪيج ۾ 40 هزار سيٽون باقي آهن. نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي پاڪ حج ايپ ۽ حج پورٽل تي ادائيگي لاءِ 3 ذريعا متعارف ڪرايا ويا آهن. حج قسط جي ادائيگي ون لنڪ پي ايس آءِ ڊي بئنڪ ڪارڊ ۽ پاڪ حج مينول چالان ذريعي جمع ٿي سگهي ٿي. هن وقت تائين ادائيگي جي ٽنهي ذريعن کان پهرين قسط جي مد ۾ 42 ارب روپيا مليا آهن. سڄي ملڪ جي چئني صوبن، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد مان ادائيگيون ڪاميابي سان جاري آهن. 40 ڏينهن جي لانگ حج پئڪيج جي پهرين قسط 6 لک روپيا مقرر آهي. 25 ڏينهن جي شارٽ حج پئڪيج جي پهرين قسط ساڍا 6 لک لک روپيا مقرر آهي. مڪي شريف ۾ 2 بيڊ ڌار ڪمري جا واڌو خرچ 2 لک 10 هزار روپيا في ماڻهو آهن. مڪي شريف ۾ 3 بيڊ ڌار ڪمري جا واڌو خرچ 70 هزار روپيا في ڪس آهن.










