اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪو فوري طور لاڳو ۽ 27 نومبر 2025ع کان اثرائتي انداز ۾ عمل جوڳو تصور ڪيو ويندو. خميس ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اهو بل پيش ڪيو جنهن جي ايوان مان شق وار منظوريءَ کان پوءِ هن بل کي پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي …
قومي اسيمبلي نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (ترميمي) بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪو فوري طور لاڳو ۽ 27 نومبر 2025ع کان اثرائتي انداز ۾ عمل جوڳو تصور ڪيو ويندو. خميس ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اهو بل پيش ڪيو جنهن جي ايوان مان شق وار منظوريءَ کان پوءِ هن بل کي پيش ڪيو جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل موجب نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع ۾ اهڙا طريقيڪار ۽ بعد ۾ پيش ايندڙ مقصدن لاءِ وڌيڪ ترميم گهربل آهي. ان بل تحت نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ 2010ع جنهن جو حوالو ڄاڻايل ايڪٽ طور تي ڏنو ويو آهي، جي عبارت چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جتي اچي رهيو هجي، کي عبارت چيف آف آرمي اسٽاف جيڪو هڪ ئي وقت چيف آف ڊفينس فورسز آهي سان تبديل ڪيو وڃي. ان ايڪٽ جي شق 3 ۾ ترميم ڪندي شق (و) کي حذف ڪيو ويندو جڏهن ته شق (ز) ۽ (ح) کي شق (و) ۽ شق (ز) طور تي ٻيهر نمبر ڏنو ويو آهي. ٻيهر نمبر ڏنل شق (و) ۾ لفظ ”ٻئي“ کي حذف ڪيو ويندو. ٻيهر نمبر ڏنل شق (ز) ۾ عبارت ”ٻئي“ کي شامل ڪيو ويندو ۽ ٻيهر ڏنل نمبر شق (ز) کانپوءِ نئين شق (ح) کي شامل ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ شامل هوندو.










