ملائيشيا جي گهرو وزير پاران پاڪستان مونومينٽ ۽ اسلام آباد پوليس لائنز جو دورو، شهيدن جي يادگار تي حاضري، پوليس پريڊ جو معائنو

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ملائيشيا جي گهرو وزير داتوسيري سيف الدين ناسوتيون بن اسماعيل، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏجي پاڪستان مونومينٽ ۽ اسلام آباد پوليس لائنز جو تفيصلي دورو ڪيو جتي هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني  ۽ پوليس جي خصوصي پريڊ جو معائنو ڪيو. پاڪستان مونومينٽ آمد تي فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي چست جٿي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ملائيشيا جي گهرو وزير داتوسيري سيف الدين ناسوتيون بن اسماعيل، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏجي پاڪستان مونومينٽ ۽ اسلام آباد پوليس لائنز جو تفيصلي دورو ڪيو جتي هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني  ۽ پوليس جي خصوصي پريڊ جو معائنو ڪيو. پاڪستان مونومينٽ آمد تي فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي چست جٿي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ملائيشين گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر رکي، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي دفاع ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي هن پاڪستان مونومينٽ جي قيام ۽ ان جي تاريخي اهميت تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي، جنهن کي هن تمام گهڻو ساراهيو. ان کانپوءِ معزز مهمان اسلام آباد پوليس لائنز پهتو جتي سندس اعزاز ۾ هڪ پروقار پريڊ جو معائنو ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس جي خصوصي جٿي کيس سلامي ڏني، جڏهن ته بينڊ جي جٿي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي قومي ترانن جون ڌنون پيش ڪيون. ملائيشيا جي گهرو وزير پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ پوليس اهلڪارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن، نظم، ضبط ۽ چست انداز جي واکاڻ ڪئي. هن شاندار ڪارڪردگي جي مظاهري تي پوليس جوانن ۾ روڪ انعام ۽ تعريفي سندون به ورهايون. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي) اسلام آباد علي ناصر رضوي، آءِ جي فيڊرل ڪانسٽيبلري رياض نذير گاڙا، ڊي آءِ جي اسلام آباد سميت گهرو ۽ پوليس جا اعليٰ عملدار به موجود هئا.

مزید خبریں