نار وارن ملڪن مان پهرين مارچ 2026ع تائين 21951 پاڪستاني ڊي پورٽ ٿيا، اسلام آباد ۾ ايجوڪيشن سٽي قائم ڪيو پيو وڃي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ته نار وارن ملڪن مان پهرين مارچ 2026ع تائين 21951 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ تعليمي ادارن جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سي ڊي اي جي سيڪٽر ايريا کان ٻاهر هڪ جديد ”ايجوڪيشن سٽي“ قائم ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي. هو قومي اسيمبليءَ …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ته نار وارن ملڪن مان پهرين مارچ 2026ع تائين 21951 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ تعليمي ادارن جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سي ڊي اي جي سيڪٽر ايريا کان ٻاهر هڪ جديد ”ايجوڪيشن سٽي“ قائم ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي. هو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي قوفي دوران اسيمبلي ميمبرن جي مختلف سوالن ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. قومي اسيمبلي ميمبر حميد حسين جي سوال جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري واضح ڪيو ته حڪومتي رڪارڊ ۾ صرف اهي ماڻهو شامل هوندا آهن جن کي لاڳاپيل ملڪ جي حڪومت باقاعده حراست ۾ وٺي سفارتخاني مان ايمرجنسي ٽريول دستاويز بڻائي ڊي پورٽ ڪري ٿي، پنهنجي مرضي يا عام پاسپورٽ تي واپس ايندڙ ان فهرست ۾ شمار نٿا ٿين. هن ٻُڌايو ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ڪويت، بحرين ۽ عمان سميت نار وارن ملڪن مان پهرين مارچ 2026ع تائين 21951 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو. انهن ماڻهن جي ڊي پورٽيشن جي ڪارڻن ۾ اقامه ويزا قانونن جي ڀڃڪڙي، غير قانوني رهائش، منشيات، مفرور هئڻ ۽ اميگريشن قانونن جون ٻيون ڀڃڪڙيون شامل آهن. سمورن ملڪن ۽ ڏوهن جي تفصيلي فهرست ايوان جي رڪارڊ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. شاهده بيگ جي ضمني سوال تي وفاقي وزير چيو ته ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جو بنيادي ڪم سيڪٽرز جي ترقي آهي جنهن ۾ ايڇ- سيڪٽرز کي خاص طور تي تعليمي ۽ طبي ادارن ۽ يونيورسٽين لاءِ مختص ڪيو ويو هو. هن ٻُڌايو ته گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ 300 کان وڌيڪ نجي ۽ ٻين تعليمي ادارن کي ريگيوليٽ ۽ منظم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ سي ڊي اي سيڪٽرز کان ٻاهر هڪ جامع ”ايجوڪيشن سٽي“ قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي ته جيئن اندرون شهر ٽريفڪ ۽ رهائشي علائقن تي دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي ۽ ادارن کي جديد سهولتن سان اتي منتقل ڪري سگهجي. ثمينه خالد گهرڪي جي سوال تي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري خاطري ڪرائي ته حڪومت ۽ سموريون وزارتون پارلياماني بزنس کي سنجيدگي سان وٺي ٿي ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي سمورن سوالن جا مڪمل، جامع ۽ مدلل جواب وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ پوريءَ تياري سان ايوان ۾ حاضر ٿئي ٿي.

مزید خبریں