اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ايندڙ حج سيزن دوران اُڏامن جو شيڊول ۽ حاجين جي بار کي وڌيڪ متوازن ۽ منصفاڻو بڻايو ويندو ته جيئن ڀلي پار ويندڙن کي ڪنهن قسم جي پريشاني يا ڏُکيائي پيش نه اچي سگهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران معزز ميمبرن جي نقطهءِ نظر سان اتفاق ڪندي خواجه محمد آصف …
نئين حج سيزن ۾ ايئر لائنز جو فلائيٽ شيڊول ۽ ڪوٽا جي منصفاڻي ورڇ ڪئي ويندي: بچاءُ وارو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ايندڙ حج سيزن دوران اُڏامن جو شيڊول ۽ حاجين جي بار کي وڌيڪ متوازن ۽ منصفاڻو بڻايو ويندو ته جيئن ڀلي پار ويندڙن کي ڪنهن قسم جي پريشاني يا ڏُکيائي پيش نه اچي سگهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران معزز ميمبرن جي نقطهءِ نظر سان اتفاق ڪندي خواجه محمد آصف چيو ته اُڏامن جي دير ۽ مسافرن جي رش جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ايئر لائنز وچ ۾ فلائٽ شيڊول ۽ آپريشنز جي منصفاڻي ورڇ اڻٽر آهي. هن خاطري ڪرائي ته جيئن ئي نئون حج سيزن ويجهو ايندو ۽ ان حوالي سان باقاعده تياريون شروع ٿينديون ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن سموريون ايئر لائنز وچ ۾ اُڏامن جي ورڇ بهتر ۽ منصفاڻي ٿئي ته جيئن ڀلي پار ويندڙن کي بهترين سفر سهولتون ميسر اچن ۽ فلائٽ آپريشن بنا رنڊڪ انجام تي پهچي.










