حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) واسا حيدرآباد جي ايم ڊي طفيل ابڙو واسا ملازمن جي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت شايع ٿيل خبرن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته چيئرمين بورڊ ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن طفيل احمد ابڙو جي گڏيل ڪوششن سان ملازمن ۽ رٽائرڊ پينشنرن کي ٻن پگهارن ۽ پينشن جي فوري ادائيگي جا حڪم جاري ڪيا ويا …
ميئر حيدرآباد ۽ ٻين جي گڏيل ڪوششن سان واسا ملازمن ۽ رٽائرڊ پينشنرن کي ٻن مهينن جي فوري ادائيگي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن: واسا حيدرآباد جي ايم ڊي جي وضاحت

مزید خبریں
حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) واسا حيدرآباد جي ايم ڊي طفيل ابڙو واسا ملازمن جي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت شايع ٿيل خبرن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته چيئرمين بورڊ ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن طفيل احمد ابڙو جي گڏيل ڪوششن سان ملازمن ۽ رٽائرڊ پينشنرن کي ٻن پگهارن ۽ پينشن جي فوري ادائيگي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن .هن چيو ته سي اي او سمورن لاڳاپيل چيڪن تي باضابطا صحيحون ڪري رقم ملازمن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي انتظاميا ملازمن جي ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ پيل پگهارن جي مسئلي کان غافل ناهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت سان اعليٰ سطح تي رابطا قائم ڪيا ويا آهن، ته جيئن اداري جي درپيش مالي بحران جو مستقل بنيادن تي حل ڪڍي سموري رهيل بقايا جلد کان جلد ادا ڪري سگهجي.ٻئي طرف حيدرآباد واٽر ڪارپوريشن کي مالي طور تي خودڪفيل ۽ پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سڄي شهر ۾ واٽر اينڊ سيوريج ٽيڪسن جي وصولي واري مهم کي فوري طور تي تيز ڪرڻ جون سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ته جيئن اداري جي آمدني ۾ اضافو ٿي سگهي ۽ مستقبل ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿئي.سندس چوڻ هو ته ملازمن کي ربيع الاول کان اڳ رليف فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح هئي. هن رڪوري سسٽم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي حيدرآباد واٽر ڪارپوريشن کي جلد هڪ مستحڪم ۽ خودڪفيل ادارو بڻائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.










