حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) محتسب اعليٰ سنڌ جي خاص هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ حيدرآباد سيد سجاد حيدر شاهه گورنمينٽ سراج الحق هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام جو تفصيلي دورو ڪيو. صوبائي اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب دوري دوران ريجنل ڊائريڪٽر اسڪول جي عمارت، تدريسي ماحول، انتظامي معاملن ۽ شاگردن کي فراهم ڪيل بنيادي سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن مختلف ڪلاس رومن جو معائنو ڪيو …
ريجنل ڊائريڪٽر محتسب پاران ٽنڊو ڄام جي اسڪول جو دورو، سهولتن جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظهار

مزید خبریں
حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) محتسب اعليٰ سنڌ جي خاص هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ حيدرآباد سيد سجاد حيدر شاهه گورنمينٽ سراج الحق هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام جو تفصيلي دورو ڪيو. صوبائي اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب دوري دوران ريجنل ڊائريڪٽر اسڪول جي عمارت، تدريسي ماحول، انتظامي معاملن ۽ شاگردن کي فراهم ڪيل بنيادي سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن مختلف ڪلاس رومن جو معائنو ڪيو ۽ استادن توڙي شاگردن سان ملاقات ڪري تعليمي معيار، تدريسي طريقيڪار ۽ موجود سهولتن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي.اسڪول ۾ شاگردن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي بنيادي سهولت به موجود نه هئي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ساڳئي ريت باٿ رومن جي حالت انتهائي خراب ۽ غير اطمينان بخش هئي، جڏهن ته شاگردن لاءِ صفائي سٿرائي جا مناسب انتظام به موجود نه هئا. ان کان علاوه بجلي جي فراهمي متاثر هئي ۽ نه سولر سسٽم ۽ نه ئي جنريٽر جو ڪو مناسب انتظام موجود هو. ريجنل ڊائريڪٽر بنيادي سهولتن جي کوٽ تي سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته ڪنهن به تعليمي اداري ۾ شاگردن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي، صاف سٿرا ۽ استعمال لائق باٿ روم ۽ بجلي جو متبادل انتظام بنيادي ضرورتن ۾ شامل آهن، جن کان شاگردن کي محروم رکڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي.دوري دوران اهو پڻ مشاهدي ۾ آيو ته داخل ٿيل شاگردن جي انگ جي ڀيٽ ۾ حاضري انتهائي گهٽ هئي. وڌيڪ اهو ته 35 کان وڌيڪ استادن ۽ ٻي عملي جي موجودگي باوجود مؤثر تدريسي نظام به اطمينان بخش نه هو. ريجنل ڊائريڪٽر اسڪول انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پيئڻ جي پاڻي، باٿ رومن، بجلي جي متبادل انتظام ۽ تدريسي نظام سميت سمورن بنيادي مسئلن جي فوري حل لاءِ ٺوس ۽ قابل عمل قدم کنيا وڃن. هن واضح ڪيو ته شاگردن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ انهن قدمن تي اڳڀرائي جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي.










