لاڙڪاڻو-20 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر صاحب خان ميراڻي پنهنجي ٽيم سان گڏجي شهر جي ميڊيسن مارڪيٽ، انصاري محلا ۽ ڀينس ڪالوني وارن علائقن ۾ ميڊيسن مارڪيٽ ۽ خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي دوائن جو معائنو ڪري ميڊيڪوز ۽ ميڊيڪل اسٽورن جا لائسنس چيڪ ڪيا جنهن دوران لائسنس نه هجڻ تي ڊرگ انسپيڪٽر طرفان ڀٽو ميڊيڪل اسٽور، عبدالله ميڊيڪوز ۽ سليم ميڊيڪوز کي سيل ڪيو ويو …
لاڙڪاڻي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر پاران شهر جي ميڊيسن مارڪيٽ ۽ خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا، لائسنس نه هجڻ تي ڪجهه ميڊيڪوز سيل

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-20 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر صاحب خان ميراڻي پنهنجي ٽيم سان گڏجي شهر جي ميڊيسن مارڪيٽ، انصاري محلا ۽ ڀينس ڪالوني وارن علائقن ۾ ميڊيسن مارڪيٽ ۽ خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي دوائن جو معائنو ڪري ميڊيڪوز ۽ ميڊيڪل اسٽورن جا لائسنس چيڪ ڪيا جنهن دوران لائسنس نه هجڻ تي ڊرگ انسپيڪٽر طرفان ڀٽو ميڊيڪل اسٽور، عبدالله ميڊيڪوز ۽ سليم ميڊيڪوز کي سيل ڪيو ويو جڏهن ته شهباز ميڊيڪل اسٽور ۽ صمد ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپا هڻي ڪجهه دوائن جا سيمپل کڻي چڪاس لاءِ ليباريٽري اماڻي ڇڏيا آهن. ان حوالي سان ڊرگ انسپيڪٽر صاحب خان ميراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ميڊيسن مارڪيٽ ۽ خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي لائسنس نه هئڻ تي ٻن ميڊيڪوز سميت 3 ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪري ٻن ميڊيڪل اسٽورن تان دوائن جا سيمپل کڻي چڪاس لاءِ ليباريٽري موڪليا ويا آهن. هن چيو ته بغير لائسنس توڙي غيرمعياري ۽ جعلي دوائون وڪرو ڪندڙ ميڊيڪوز ۽ ميڊيڪل اسٽورن خلاف مستقبل ۾ به اهڙي قسم جون ڪاروائيون جاري رهنديون.










