اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس عظيم قرباني قوم جي لاءِ جرئت، حب الوطني ۽ فرض شناسي جو لازوال مثال آهي. خميس ڏينهن شهيد جي 55هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته راشد منهاس شهيد ملڪ جي دفاع ۽ قومي وقار جي لاءِ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس عظيم قرباني قوم جي لاءِ جرئت، حب الوطني ۽ فرض شناسي جو لازوال مثال آهي. خميس ڏينهن شهيد جي 55هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته راشد منهاس شهيد ملڪ جي دفاع ۽ قومي وقار جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. سندس بي مثال بهادري ۽ قرباني سدائين قوم ۽ پاڪ فوج جي لاءِ مشعل راهه رهندي. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي چيو ته پوري قوم پنهنجي انهن عظيم شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي مفادن جي تحفظ جي پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو.










