حوثين جي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ 6 پاڪستاني مُهاڻا ۽ ٻن ڄڻن جا لاش پاڪستان پهچي ويا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته تازي حوثي حملي ۾ تنزانيه جي جهنڊي بردار واپاري سامونڊي جهاز تي زخمي ٿيندڙ 6 پاڪستاني مُهاڻا حفاظت سان وطن واپس پهچي ويا آهن جڏهن ته فوت ٿيندڙ ٻن پاڪستاني مُهاڻن جا لاش به پاڪستان پهچايا ويا آهن. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ …

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته تازي حوثي حملي ۾ تنزانيه جي جهنڊي بردار واپاري سامونڊي جهاز تي زخمي ٿيندڙ 6 پاڪستاني مُهاڻا حفاظت سان وطن واپس پهچي ويا آهن جڏهن ته فوت ٿيندڙ ٻن پاڪستاني مُهاڻن جا لاش به پاڪستان پهچايا ويا آهن. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي وئي هئي ته زخمي مُهاڻن ۽ فوت ٿيندڙن جي ميتن جي محفوظ، باوقار ۽ جلد کان جلد وطن واپسي کي يقيني بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم جده ۾ پاڪستان جي قونصليٽ جنرل ۽ رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي وقت سر ۽ مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو جن يمن مان زخمي مُهاڻن ۽ ميتن جي واپسي ۽ بعد ۾ انهن جي پاڪستان سفر ۾ سهولت فراهم ڪئي، خاص طور تي ان صورتحال ۾ جڏهن يمن ۾ پاڪستان جو ڪو سفارتي مشن موجود نه آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته آئون ايف آءِ اي سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي انهن ڪوششن کي پڻ ساراهيان ٿو جن جي ڪري انهن جي پاڪستان ۾ آمد ۽ بعد ۾ ۾ انتظام خوش اسلوبي سان مڪمل ٿيا. نائب وزيراعظم چيو ته آئون سعودي پرڏيهي وزارت جي تعاون کي پڻ دل جي گهرائين سان ساراهيان ٿو خاص طور تي جده ۾ فراهم ٿيندڙ طبي امداد ۽ ٻين انتظامن تي انهن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ان حملي جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪري ٿو ته سامونڊي مسافرن ۽ مُهاڻن جي حفاظت ۽ سلامتي کي هر وقت يقيني بڻائڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان زخمي مُهاڻن ۽ ڏکويل خاندانن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهيون.

مزید خبریں