ميڊرڊ _ 20 آگسٽ (اي پي پي) بارسلونا جي هيڊ ڪوچ هانسي فلڪ اسپين جي مڊفيلڊر روڊري جي ڪلب ۾ شامل ٿيڻ کي بهترين قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس جو ٽيم ۾ شامل ٿيڻ سان ٽيم کي وڌيڪ مضبوطي ملندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بارسلونا جوان گيمپر ٽرافي ميچ ۾ مصر جي ڪلب الالي کي سخت مقابلي بعد 1-2 تان شڪست ڏئي پنهنجي پري سيزن جي ڪامياب پڄاڻي ڪئي. 30 سالن …
بارسلونا جي هيڊ ڪوچ اسپين جي مڊفيلڊر روڊري جي شموليت کي بهترين قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
ميڊرڊ _ 20 آگسٽ (اي پي پي) بارسلونا جي هيڊ ڪوچ هانسي فلڪ اسپين جي مڊفيلڊر روڊري جي ڪلب ۾ شامل ٿيڻ کي بهترين قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس جو ٽيم ۾ شامل ٿيڻ سان ٽيم کي وڌيڪ مضبوطي ملندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بارسلونا جوان گيمپر ٽرافي ميچ ۾ مصر جي ڪلب الالي کي سخت مقابلي بعد 1-2 تان شڪست ڏئي پنهنجي پري سيزن جي ڪامياب پڄاڻي ڪئي. 30 سالن جي روڊري مانچسٽر سٽي ڇڏڻ بعد بارسلونا سان 4 سالن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن . ميچ کان اڳ ڳالهائيندي بارسلونا جي هيڊ ڪوچ هانسي فلڪ جو چوڻ هو ته هو روڊري جي شموليت جي حوالي سان پر اميد هو ڇو ته هو هڪ شاندار رانديگر آهي. جرمني جي ڪوچ روڊري کي دنيا جو بهترين مڊفيلڊر قرار ڏيندي ڍيو ته هن ۾ بال پاس ڪرڻ ۽ راند کي سنڀالڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي . ميچ ۾ بارسلونا پهرين هاف ۾ حمزه عبدالڪريم ۽ رافينه جي پينلٽي گول عيوض 2_0 جي برتري حاصل ڪئي ، جڏهن ته الالي طرفان احمد هڪ گول اسڪور ڪيو . جوان گيمپر ٽرافي جي ان آخري پري سيزن ميچ بعد بارسلونا جي ٽيم پنهنجي لاليگا ٽائيٽل جي دفاع جي شروعات آچر تي ايلچي خلاف ميچ سان ڪندي.











