پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) جو 55 هون يوم شهادت وطن جي دفاع جو لازاول داستان

اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) پاڪ فضائيه جي جوانن ۽ سموري قوم لاءِ حب الوطني، فرض شناسي ۽ وطن سان وفاداري جو روشن مثال آهي. پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد 17 فيبروري 1951ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن 14 مارچ 1971ع تي پاڪستان فضائيه جي 51 هين جي ڊي پي ڪورس ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. کيس آپريشنل ڪنورزن ڪورس لاءِ …

اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) پاڪ فضائيه جي جوانن ۽ سموري قوم لاءِ حب الوطني، فرض شناسي ۽ وطن سان وفاداري جو روشن مثال آهي. پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد 17 فيبروري 1951ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن 14 مارچ 1971ع تي پاڪستان فضائيه جي 51 هين جي ڊي پي ڪورس ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. کيس آپريشنل ڪنورزن ڪورس لاءِ ماڙيپور (مسرور) ۾ واقع نمبر 2 اسڪوارڊرن ۾ مقرر ڪيو ويو. 20 آگسٽ 1971ع تي پائيلٽ آفيسر راشد منهاس تربيتي اڏام لاءِ ڪراچي جي مسرور ايئر بيس تان اڏام ڀري. انسٽرڪٽر پائيلٽ فلائٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان جهاز کي هاءِ جيڪ ڪري ڀارت کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀارتي سرحد کان رڳو 40 ميل جيمفاصلي تي پائيلٽ آفيسر راشد منهاس جهاز جو رخ واپس پاڪستان ڏانهن موڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. انسٽرڪٽر جي سمورين ڪوششن باوجود راشد منهاس جهاز جو رخ زمين ڏانهن موڙي جهاز کي ڀارتي سرحد کان 32 ميل پري تباهه ڪري ڇڏيو. پائيلٽ آفيسر راشد منهاس پنهنجي جان قربان ڪري جهاز کي دشمن ملڪ کڻي وڃڻ جي سنگين سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. وطن جي ان بهادر سپوت پنهنجي جان مادر وطن تان قربان ڪري ڇڏي پر ملڪي وقار کي ڇيهو نه رسڻ ڏنو. پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد پاڪستان جي دفاعي تاريخ ۾ سونهري باب لکڻ وارو وطن جو عظيم سپوت آهي.

مزید خبریں